عبدالحليم غفاري علامه

عبدالحليم غفاري، علامه: مولانا مفتي عبدالحليم چانڊيو غفاري، آگسٽ 1948ع ڌاري ڳوٺ ڪنب حسيني لڳ ڳوٺ منگواڻي، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم قاري احمد حسيني ۽ قاري محمد غفاريءَ وٽ پڙهيو. فارسيءَ جي تعليم پنهنجي والد وٽان حاصل ڪيائين. درس نظامي جي تڪميل علامه مفتي عبدالحئي روهڙيءَ واري وٽان حاصل ڪئي. اهڙيءَ طرح پاڻ فارغ التحصيل ٿيڻ بعد درس و تدريس ۾ مصروف آهي. ويهه سال گاهي مهيسر ميهڙ جي مدرسي ۾، هڪ سال ٻٽ سرائي درگاهه پير پنهل ۾ پڙهايائين. ڪافي عرصي کان درگاهه عاليه رحمت پور شريف لاڙڪاڻي جي مدرسي ۾ پڙهائي رهيو آهي. پاڻ حضرت پير مٺا سائين (ثاني) جو استاد به آهي. فتويٰ نويسيءَ ۾ به وڏي مهارت رکي ٿو. درٻار رحمت پور شريف لاڙڪاڻي ۾ جيڪي شرعي مسئلا ايندا آهن، انهن جي باري ۾ علمي ۽ تحقيقي تحريرون لکندو آهي. هن وقت تائين مختلف موضوعن تي ٻه سئو کان مٿي فتوائون جاري ڪري چڪو آهي. ان کان سواءِ سندس ڪجهه ڪتاب پڻ تصنيف ڪيل آهن. جن مان هڪ ڪتاب ‘ڪرامات غفاري’ شايع ٿي چڪو آهي. باقي قلمي صورت ۾ موجود آهن. مولانا صاحب وٽ ڪيترائي فيضياب ٿيا، جن ۾ حضرت خواجه عبدالغفار پير مٺا سائين (ثاني) مفتي عبدالنبي لانگاهه، مفتي انور حسين، سيد فاروق احمد شاهه راشدي جا نالا اچي وڃن ٿا. مولانا عبدالحليم غفاري شفيق، مهربان ۽ انتهائي ساده مزاج انسان آهي. پاڻ هن وقت درگاهه رحمت پور شريف جي جامع مسجد ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم جاري رکيو پيو اچي، کيس ٽن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو